راڻڪ ديوي

راڻـڪ ديـوي: روايـتـن ۾ آهي ته راڻڪ ديوي، راڻي روپاڙسنگهه جي ڌيءَ هئي، سندس والد راڻو روپاڙسنگهه ڪيرٽيءَ جو حاڪم هو. ڪيرٽيءَ شهر جا کنڊرات مٺيءَ کان چوڏهن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف مٺي- ڏيپلي روڊ جي ويجهو اڄ به موجود آهن، جتي آڳاٽي دور ۾ ريڻي ندي وهندي هئي، جيڪا درياهه جي ڪنهن وهڪري جي شاخ هئي. ڪيرٽيءَ جو شهر ان نديءَ جي ڪناري تي هوندو هو. روايت آهي ته راڻڪ ديوي جڏهن ڄائي، تڏهن سندس پيءُ راڻي روپاڙ سنگهه کي جوتشين ٻڌايو ته هيءَ ڇوڪري جنهن به گهر ۾ رهندي، اهو گهر تباهه ٿيندو. راڻي روپاڙسنگهه جوتشين جي ڳالهين تي ويساهه ڪندي ڌيءَ کي کڻي وڃي جهنگ ۾ ڦٽو ڪيو، جتان هڙونت ڪنڀار کڻي وڃي سندس پالنا ڪئي ۽ مٿس راڻڪ ديوي نالو رکيو. راڻو روپاڙ سنگهه ڌيءَ جي حيات هجڻ کان بي خبر هو. راڻڪ ديوي جڏهن جوان ٿي ته سندس سونهن جي هاڪ هنڌين ماڳين هُلي وئي. هوڏانهن راڻڪ ديويءَ جي اصليت کان بي خبر راڻو به سندس سونهن تي موهجي پيو. هڙونت ڪنڀار پاپ کان بچڻ لاءِ راڻڪ ديويءَ کي وٺي، راڻي کان لڪي جهوناڳڙهه هليو ويو، جتي راڻڪ ديويءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي گجرات جي حاڪم سڌوراج، هڙونت کان سڱ گهريو ۽ جهوناڳڙهه جي حاڪم راءِ کنگهار به هڙونت کي سڱ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو. آخر راءِ کنگهار راڻڪ ديويءَ کي زوريءَ کڻي وڃي شادي ڪئي. اها خبر جڏهن سڌراج کي پئي، تڏهن ڪاوڙجي لشڪر وٺي راءِ کنگهار جو گهيرو ڪيائين، جيڪو ٻارهن سالن تائين هليو. آخر راءِ کنگهار جي ڀاڻيجن ڏيجل ۽ ٻيجل کي پاڻ سان ملائي سازش ذريعي سڌارج، راءِ کنگهار کي شڪست ڏني. هن قصي جون اڪثر ڳالهيون سورٺ راءِ ڏياچ واري قصي سان به ملن ٿيون.


لفظ راڻڪ ديويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو